ريڪوڊڪ منصوبي جي پهرين ادائيگي، بلوچستان حڪومت کي 3 ملين ڊالرن جو چيڪ ملي ويو

 

ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن منصوبي بابت بلوچستان حڪومت کي پهرين ادائيگي ڪري ڇڏي.

بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بلوچستان حڪومت کي نئين ڀائيواري جي فريم ورڪ تحت 3 ملين ڊالر جي ادائيگي ڪئي وئي آهي.

ريڪوڊڪ پاڪستان جي ڪنٽري مئنيجر علي رند معدنيات سيڪريٽري کي 3 ملين ڊالرن جو چيڪ ڏنو.

واضح رهي ته گذريل مهيني ئي وفاقي ڪابينا ريڪوڊڪ منصوبي جي حتمي ڊيل تي صحيح ڪرڻ جي باضابطا طور منظوري ڏني هئي.

بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي سربراهه جو چوڻ هو ته ريڪوڊڪ سان پهرين ڪمرشل پيداوار 2028 ۾ شروع ٿيندي ۽ ريڪوڊڪ جي ذخيرن جو مدو 40 سال هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.