ملير جيل مان 115 افغان قيدي آزاد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان 115 افغان قيدي آزاد ڪيا ويا.

جيل اختيارين موجب افغان قيدين کي بسن ذريعي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو، کين چمن بارڊر تي افغان اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته سمورا قيدي ٻه ٽي مهينن کان جيل ۾ هئا، مٿن غير قانوني رهائش سميت مختلف ڪيس هئا.

جيل اختيارين موجب آزادي ماڻيندڙ ۾ هڪ افغان عورت به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.