اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان بني گالا منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب عمران خان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بني گالا منتقل ٿيندو، جنهن لاءِ سندس رهائشگاهه جي سيڪيورٽي وڌائڻ جون تياريون جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي پرائيويٽ سيڪيورٽي ۾ به واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ نجي ڪمپني کان خدمتون ورتيون وينديون.
ذريعن موجب بني گالا ۾ عمران خان لاءِ 2 خاص بلٽ پروف ڪمرا تيار ڪيا ويا آهن.