انگلش بيٽر ايلڪس هيلز قومي ڊيوٽي تي پاڪستان سُپر ليگ کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب انگلش بيٽر ايلڪس هيلز بنگلاديش خلاف سيريز نه کيڏندو پر سيريز بدران هو پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪندو.
ايلڪس هيلز پاڪستان سُپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندو.
پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ کيس مجموعي طور تي هل لک اسي هزار ڊالر ملندا.
انگلينڊ کي 14 مارچ کان بنگلاديش سان سيريز کيڏڻ آهي، ڪانٽريڪٽ نه هجڻ سبب هيلز کي ون ڊي جا پنج هزار پائونڊ ۽ ٽي ٽوئنٽي جا اڍائي هزار پائونڊ ملڻا هئا.
پي ايس ايل ميچز مِس ڪرڻ تي ايلڪس هيلز کي وڏي رقم کان هٿ ڌوئڻو پوي ها.