ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل 11 ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا لاٿ ٿي آهي.
پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ 20 جنوري کان مسلسل واڌ ٿي رهي هئي ۽ في تولو سون 2 لک 10 هزار 500 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو.
اڄ سون جي قيمت ۾ 9 هزار رپين جي لاٿ ٿي آهي ۽ هاڻ ان جي نئين قيمت ٻه لک هڪ هزار 500 رپيا آهي.
10 گرام سون 7 هزار 716 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 72 هزار 754 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 22 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1902 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.