ايپل آءِ فون 14 سيريز کي سيپٽمبر 2022 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ پهريون ڀيرو سيٽلائيٽ ذريعي ايمرجنسي ايس او ايس پيغام موڪلڻ جي فيچرز کي شامل ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد مشڪل حالتن ۾ ماڻهن جي زندگي بچائڻ هو.
هن وقت تائين آمريڪا ۾ آءِ فون جي هن فيچر ڪيترين ئي زندگين کي بچائي ورتو آهي ۽ هاڻي ڪينيڊا ۾ به هن فيچر جي استعمال سان ٻن عورتن جي حياتي بچائي وئي.
هن فيچر سان سيلولر سگنل يا واءِ فاءِ کانسواءِ ٽيڪسٽ ميسيج موڪلڻ ممڪن هوندو آهي. ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا جي هڪ ڳوٺ ميڪ برائيڊ جي ويجهو علائقي ۾ ڦآٿل ٻن عورتن کي هن فيچر جي استعمال سان بچايو ويو.
ميڊيا رپورتس موجب 23 ڊسمبر تي ٻئي عورتن البرٽا وڃي رهيون هيون ۽ انهن مان هڪ وٽ آءِ فون 14 موجود هو.رستي ۾ حادثي سبب هاءِ وي بند هئي جنهن سبب هنن ٻئي رستي تان لنگهڻ جو فيصلو ڪيوئ پر ان رستي تي هو گم ٿي ويون جڏهن ته سندن گاڏي برف ۾ بند ٿي وئي.
برٽش ڪولمبيا جي ريسڪيو ٽيم جي سينيئر مينيجر موجب گاڏي بند ٿيڻ کانپوءِ عورتون برف جي ڀت سبب ڦاسي پيون. هنن عورتن وڏي ڪوشش ڪئي ته ڏکيائي مان نڪرن پر اتي سگنل به نه پيا اچن. ان موقعي تي آءِ فون 14 واهپيدار سيٽلائيٽ فيچر جو استعمال ڪري پيغام موڪليو.
ريسڪيو مينيجر موجب ايس او ايس فيچر جي استعمال سبب هڪ ميسيج ايپل ڪال سينٽر ڏي ويو.
هنن ٻڌايو ته ايپل ڪال سينٽر ناردرن 911 سان رابطو ڪيو جن سمورا تفصيل ۽ عورتن جي لوڪيشن فراهم ڪئي.
مينيجر چيو ته هيءَ تيڪنالوجي نه هجي هان ته عورتن کي ڳولڻ مشڪل ٿئي هان ۽ هفتو گذري وڃي هان جنهن ۾ ٻنهي جي حياتيءَ کي پڻ خطرو هو.