پاڪستان هاڪي فيڊريشن اڳوڻي اولمپيئن ۽ قومي ٽيم جي مئنيجر خواجا جنيد تي تاحيات پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
خواجا جنيد ايشيا ڪپ دوران پاڪستان هاڪي ٽيم جي مئنيجر هو، ايونٽ ۾ جپان خلاف ميچ ۾ ٻارنهين رانديگر کي ميدان ۾ موڪلڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن دوران پاڪستان گول ڊس ڪوليفاءِ ٿيڻ سبب عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو.
اڳوڻي پي ايڇ ايف سيڪريٽري آصف باجوا واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي، خواجا جنيد جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي هئي.
جنهن بعد پاڪستان هاءِ فيڊريشن جي سيڪريٽري حيدر حسين ٻيهر ڪميٽي جي رپورٽ طلب ڪئي، ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ اولمپيئن خواجا جنيد تي تاحيات پابندي لڳائي وئي آهي.
پي ايڇ ايف جي صدر پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تاحيات پابندي سبب خواجا جنيد هاڪي جي ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو.