سرفراز احمد پنهنجي ڪپتاني دوران دڙڪا ڏيندو هو: بابر اعظم

پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بيٽر امام الحق جي ڪري اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کان دڙڪا کائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي بابر اعظم جي ساٿي رانديگرن سان گڏ هڪ تقريب جي پراڻي ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by DBTV Sports (@dbtvsports)

وڊيو ۾ هو ميزبان جي سوال جي جواب ۾ چوي ٿو ته ميچ دوران امام الحق جي حرڪتن جي ڪري سرفراز احمد مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏيندو هو، ڇو ته امان جو ڌيان ميچ ۾ نه هوندو هو، سندس باڊي لينگويج به اهڙي هوندي هئي جنهن هو چوندو ته بابر ان کي ڏسي وٺ.

وڊيو ۾ بابر اعظم ٻڌايو ته مون سڀ کان وڌيڪ مان حارث رئوف کي دڙڪا ڏنا آهن پر هُن سان پيار به ڏاڍو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.