لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر هارون رشيد اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ فاسٽ بالر محمد عارم جي ٽيم واپسي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پنهنجي هڪ تازي انٽرويوءَ ۾ هارون رشيد شعيب ملڪ کي ٽيم ۾ واپس شامل ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اِها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڏسڻو پوندو ته ڇا اهڙا رانديگر ٽيم ۾ شامل ٿي ڪاميابي لاءِ سازگار ثابت ٿي سگهن ٿا يا نه.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان ڪرڪيٽر به سينيئر جهڙي ڪارڪردگي پيش ڪندو ته ڏاڍي سوچ ويچار کانپوءِ ٻنهي کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جائزو وٺڻو پوندو.
هارون رشيد چيو ته فلحال سڀني لاءِ آپشن کليل آهي، سليڪشن ڪميٽي جي جوڙجڪ ٿي وڃي ته هڪ پاليسي ٺاهي منظوري وٺنداسين، پوءِ ان تي عملدرآمد ٿيندو.
محمد عامر بابت سوال تي چيف سليڪٽر چيو ته رانديگرن کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ کپي، ڪڏهن ڪڏهن هڪ بيان وڏي تڪرار کڙو ڪري سگهي ٿو، کين بيانبازي بدران پنهنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته سڀ پاڻ کي سٺو رانديگر سمجهن ٿا ۽ چون ته کين يارنهن يا 16 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو وڃي پر سليڪشن وٽ مخصوص ڪنڊيشنز ۾ ٽيم جي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن عامر به سٺو کيڏندو ته ٽيم واپس اچي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته کيس عامر جي تازي اسٽيٽس بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي، ٻڌو آهي ته هو رٽائرمينٽ واپس وٺي رهيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اِهو سٺو هوندو، هو پرفارم به ڪري رهيو آهي ۽ ٽيم کي سندس گهرج به آهي.