اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عملدرآمد لاءِ وقت گهري ورتو.
آءِ ايم ايف جي مشن هيڊ هيٿن پورٽر جي سربراهي ۾ وفد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ نائين اقتصادي جائزي جي ڳالهين جي شيڊيول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏوگڏ معاشي هدفن تي به غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4.9 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو چيو ۽ بجيٽ فيصلن موجب پرائمري خسارو جي ڊي پي جو 0.2 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو به چيو ويو.
آءِ ايم ايف وفد مطالبو ڪيو ته برآمدي شعبي کي 110 ارب رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي، ايف بي آر طرفان ٽيڪس وصولين جو هدف هر حال ۾ پورو ڪيو وڃي، ان کانسواءِ گردشي قرض ۾ گهٽتائي آندي وڃي.
Finance Minister Senator Mohammad Ishaq Dar held a meeting with IMF review Mission led by IMF Mission Chief Mr. Nathan Porter at FD,today and discussed and reviewed the economic and fiscal policies and reforms of the govt and agenda to accomplish the 9th review under the EFF. pic.twitter.com/J5mzqQmBeg
— Ministry of Finance (@FinMinistryPak) January 31, 2023
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 855 ارب رپيا وصولي جو هدف پورو ڪرڻ جو به چيو، رياستي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪري ان جو خسارو به گهٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، آءِ ايم ايف نجڪاري پروگرام تي عملدرآمد ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته مالي خساري ۽ نقصانن جي نشاندهي به ڪئي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب آءِ ايم ايف مالي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي جي مخالفت نه ڪئي ۽ عالمي مالياتي فنڊ بي آءِ ايس پي تحت رليف جاري رکڻ تي به راضي ٿي ويو آهي.
هوڏانهن پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهڻ چاهيون ٿا.
ذريعن موجب پاڪستان سڀني مطالبن تي عمل ڪندو پر وڌيڪ وقت گهربل آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان گڏجي پائيدار سڌارا جاري رکندو.