اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي ڏهه رُپيا اسي پئسا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيشنل پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسمبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اٿارٽي کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊسمبر ۾ ڪي اليڪٽرڪ فرنس آئل کپت گهٽ رهي، فرنس آئل ۽ ايل اين جي جي قيمت به گهٽ هئي، ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست موجب بجلي سستي ٿيڻ سان ڪراچي جي واهپيدارن کي ٻارنهن ارب رُپين کان وڌيڪ رليف ملندو.
سي ايف او ڪي اليڪٽرڪ چيو ته ادارو سولر ۽ ونڊ تي بجلي منصوبا لڳائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ٻڌڻي کانپوءِ نيپرا چيئرمين توصيف احمد ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي ڏهه رُپيا اسي پئسا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي اٽڪل يارنهن ارب رُپين جو رليف ملندو.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن کي ڊسمبر ايڊجسٽمنٽ تحت رليف ڏنو ويو آهي.