توشاخانا ڪيس: عدالت جو عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان جي خلاف فوجداري ڪارروائي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

ان سلسلي ۾ عدالت عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو.

عدالت فوجداري ڪارروائي جي ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جي تاريخ 7 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته عدالت پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي 20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ٻڌڻي دوران عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ کان سوال ڪيو ته عمران خان طرفان وڪالت نامو ڪٿي آهي؟  جنهن تي علي بخاري چيو ته 5 منٽ ڏيو، بيئرسٽر گوهر عدالت پهچي رهيو آهي.

علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته اسان گذريل ٻڌڻي تي عمران خان جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو هو، ان تي عدالت چيو ته اڄ وڪالت نامو به جمع ڪرائي ڇڏيو.

ٻڌڻي جي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته جيستائين شورٽي بانڊز نٿا اچن تيستائين هي وڪالت نامو نٿا ڏئي سگهن.

ان دوران عدالت جي ڪمري ۾ عمران خان ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن وچ ڏند چڪ پڻ ٿي .

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو ريفرنس عدالت ڏانهن اُماڻيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.