چوڌري شجاعت کي (ق) ليگ جي صدارت تان هٽائڻ واري مامري تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ واري معاملي تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت حسين جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪميشن ورڪنگ ڪميٽي جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته چوڌري شجاعت (ق) ليگ جو صدر برقرار رهندو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي صدارت تان هٽايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.