انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 رُپيا 63 پئسا سستو ٿيڻ بعد وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ ڊالر ٽي رُپيا ٽيهٺ پئسا سستو ٿيڻ بعد وري مهانگو ٿي ويو.

 انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل مهانگو ٿي تاريخ جي بلند ترين سطح کي ڇهڻ بعد ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي هئي.

اڱاري جي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت 269 رُپيا 63 پئسا هئي، ڪاروبار دوران ڊالر وڌيڪ 37 پئسا مهانگو ٿي 270 رُپين جو ٿي ويو.

پر ڪاروبار دوران اوچتو ڊالر جي قدر ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڊالر پهريان 63 پئسا وري 37 پئسا سستو ٿيو.

جنهن بعد انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ٽي رُپيا 63 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ وري مهانگو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 267 رُپيا 88 پئسن ٿيو، جڏهن ته  اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 275 رُپيا برقرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.