پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور پوليس لائنز ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 95 ٿي ويو آهي.
پوليس موجب پشاور ڌماڪي ۾ زخمين جو ناگ 221 آهي جڏهن ته هن وقت تائين 95 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي.
صوبائي اختيارين موجب مسجد جي ملبي هيٺان دٻيل وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ جاري آهي.
ريسڪيو پشاور جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر نويد اختر جو چوڻ آهي ته حتمي طور تي نٿو چئي سگهجي ته آپريشن ڪيستائين مڪمل ٿيندو.
هن چيو ته سليبس کي هائيڊرو لڪ ڪٽر جي مدد سان احتياط سان ڪٽيو پيو وڃي ته جيئن جيڪڏهن ڪير اندر ڦاٿل آهي ته سندس حياتي بچائي سگهجي جڏهن ته سينسر ڊيوائسز ذريعي زندا ماڻهن کي چيڪ ڪيو پيو وڃي.