لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي زمان پارڪ ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪورڪميٽي اجلاس ۾ ان وقت شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ۾ جهڙپ ٿي پئي جڏهن اهو فيصلو ٻڌايو ويو ته 30 قومي تڪن تان عمران خان ئي چونڊ وڙهندو.
شاهه محمود قريشي ان فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته پارٽي اندر اڳ ئي ڌڙابندي آهي. ويتر ان عمل سان پارٽي ڪمزور ٿيندي اسان کي برجستا اميدوار بيهارڻ گهرجن.
نامياري صحافي موجب ان موقف تي اسد عمر چڙي پيو ۽ شاهه محمود تي ٽوڪون ڪيون ۽ چيو ته اوهان جي نياڻي کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته هارائي وئي. اڃان ڪهڙو تجربو ڪرڻ چاهيو ٿا.
رهيو سوال ته پارٽي اندر ڪابه ڌڙابندي نه آهي، جڏهن ته شفقت محمود به شاهه محمود جي موقف جي حمايت ڪئي پر اسد عمر مٿن چٿرون ڪيون ۽ شاهه محمود اجلاس مان هليو ويو.
ان بعد برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه ۽ عامر ڊوگر شاهه محمود قريشي کي پرچائي آيا پر شاهه محمود ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ هليو ويو ڇو ته ان دوران عمران خان ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي نه اسد عمر کي روڪيو ۽ نه شاهه محمود جي موقف تي ڪو تبصرو ڪيو.
نوٽ: معظم فخرجو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اڱارو 23-01-31 تي شايع ٿيو