حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 7 سالن کان پوءِ شاگردياڻي نائلا رند جي قتل ڪيس ۾ جوابدار انيس خاصخيلي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاگردياڻي نائلا رند جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدار انيس خاصخيلي پيش ٿيو.عدالت شاگردياڻي نائلا رند جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جوابدار انيس خاصخيلي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ مٿس ڏنڊ پڻ مقرر ڪري ڇڏيو.
عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدار کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته 7 سال اڳ سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل ۾ قمبر واسڻ نائلا رند جو ڦاهو ڏنل لاش ڪمري مان هٿ آيو هو.
ٻئي طرف وومين ايڪشن فورم نائلا رند ڪيس ۾ جوابدار انيس خاصخيلي کي مليل عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا کي خوش آئنده سڏيو آھي. وومين ايڪشن فورم جي ترجمان، يونيورسٽين جي شاگردياڻين جي تحفظ لاءِ بليڪ ميلنگ ۽ ھراسمينٽ ڪيس تڪڙو ھلائي جوابدارن کي سزا ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آھي.
ھن چيو ته يونيورسٽين اندر بليڪ ميلنگ جون شڪار شاگردياڻيون گھريلو ۽ سماجي دٻاءَ سبب قانون يا والدين سان رابطو ڪرڻ بجاءِ پنھنجي زندگي جو خاتمو ڪرڻ واري انتھا تائين پھچي وڃن ٿيون.
عدالتي فيصلو کين ان ڏس ۾ اعتماد بخشي بليڪ ميلر خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪندو.
ترجمان موجب دھشتگردي ٽوڙ عدالت پڻ ساڳي نتيجن تي پھچي ان جاچ جي تصديق ڪندي ان کي بليڪ ميلنگ جو نتيجو قرار ڏيندي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
وومين ايڪشن فورم مطالبو ڪيو آھي ته نائلا رند جي ڪيس جيان ڊاڪٽر نمرتا ڪماري ۽ نوشين ڪاظمي جي ڪيس جي پوليس جاچ رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻھن کي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.