لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور ۾ ٿيل بم ڌماڪي جا پيرا کڻڻ گهرجن ته اهي ڪهڙيون قوتون هيون جن طالبان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ تي مسلط ڪرڻ ۾ سهولت ڪاري ڪئي. اهي ڪهڙيون سياسي ۽ غير سياسي طاقتون هيون جن 80 هزار شهرين کي شهيد ڪندڙن کي جيلن مان آزاد ڪيو. طالبان سان ڪير ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ڪنهن جي چوڻ تي طالبان کي ڪي پي ۾ ٻيهر آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وئي جن جو اعتراف کلئي عام عمران خان ڪري رهيو آهي.
نامياري صحافي موجب موجود آرمي چيف کي گهرجي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، جنرل (ر) فيض حميد ۽ عمران خان کان حقيقتن جي پڇا ڳڇا ڪئي وڃي. ڇو ته اسان جي نظر ۾ يا زميني حقيقتن مان واضح آهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ جنرل (ر) فيض حميد طالبان سان ڳالهيون به ڪري رهيا هئا ۽ سهولت ڪاري به ڪري رهيا هئا. نتيجي ۾ هو ٻيهر منظم ٿي ويا، ڇو ته انهن جا جيلن ۾ قيد خطرناڪ ويڙهاڪ به انهن جي دور ۾ آزاد ڪيا ويا. طالبان ڪنهن جي دور ۾ ڪنڊيدار واڙ اکيڙي آزاديءَ سان ڪي پي ۾ ٻيهر اچي ويا.
ان سموري وارتا جي ڪردارن جو تعين ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. جزا ۽ سزا کانسواءِ نه ته ڪو آپريشن ڪار آمد ثابت ٿيندو نه ئي ان دهشتگرديءَ جي ناسور جو هيمشه لاءِ خاتمو ممڪن ٿيندو. ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ جڙ جي نشاندهي ڪري ان جو علاج ڪرڻو پوندو ٻين لفظن ۾ اها جڙ اکيڙي ڇڏڻي پوندي اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن طالبان جي سهولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو.
نوٽ: سيد عمران شفقت جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اڱارو 23-01-31 تي شايع ٿيو