معيشت کي عمران ۽ ڊار ٻنهي نقصان پهچايو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ناڻي واري اڳوڻي وزير ۽ ليگي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته مون کي وزارت تان ڪڍڻ تي ڪو ڏک ناهي، اهو سوال ته انهن کان پڇيو وڃي جن مون کي هٽايو، معيشت خاطر حڪومت ۾ رهڻ جو فيصلو بهتر هو،شارٽ ٽرم ۾ معيشت جي خرابي ٻه عمران خان حڪومت ۽ هڪ اسحاق ڊار جي غلطي سان ٿي.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت گهڻن ماڻهن ڊالر اسٽاڪ ڪري رکيو آهي، اسان 30،20 سالن کان غلطيون ڪندا پيا اچون، بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو مشڪل فيصلو آهي.

هن چيو ته شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ختم ڪيون بعد ۾ عمران خان اهو معاهدو ئي ختم ڪري ڇڏيو، عالمي طور تي سموريون ناڪاري شيون اسان جي مٿي ۾ لڳيون آهن، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿئي ٿو ته ڏيوالپڻي جو خطرو ٽري ويندو.

مفتاح اسماعيل چيو ته معاهدي کانپوءِ سعودي عرب ۽ يو اي اي مان به پئسا ايندا، هينئر ته دوست ملڪ به پئسو نه پيا ڏين، وفاقي حڪومت جا خرچ گهٽائي نٿا سگهجن، دفاع جي آفيسرن کان گهر خالي ڪيئن ڪرائي سگهجن ٿا، هن وقت 4500 ارب رپين جو خسارو آهي، اين ايف سي ايوارڊ کي به ڏسڻو پوندو، صوبن ملازمن جي پگهارن ۾ گذريل سالن ۾ 500 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو آهي، ڇا صوبا مڪاني حڪومتن کي اختيار ۽ فنڊ ڏين پيا، اميرن ۽ اشرافيه کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، انهن ڳالهين تي حڪومت کي سوچڻو پوندو.

سندس چوڻ هو  ته اسان کي برآمد تي زور ڏيڻو پوندو، معيشت جو حجم وڌائڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت هوا ن ليگ خلاف وڃي رهي آهي، اسان کي بلوچستان، ڪي پي سميت سڄي ملڪ ۾ سٺي موٽ ملي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سياسي معاهدو ڪرايو وڃي، جڏهن اسان جا لکين ٻار خوراڪ کوٽ جو شڪار هجن، اسڪول نه وڃن ته اها بيڊگورننس جي نشاني آهي، پ پ ، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم جا ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن.

هن چيو ته اسان کي ڊپ هو ته جيڪڏهن اسان حڪومت نه وٺون ها ته عمران خان پنهنجي مرضي جو آرمي چيف لڳائي ڇڏي ها، جنهن کانپوءِ مسئلو ٿي وڃي ها، هن چيو ته ن ليگ ته مون کي وساري ڇڏيو آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن نه ڪڏهن اسان ان کي ياد اينداسين، شهبازشريف سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن جڏهن ته حنيف عباسي، جاويد لطيف ۽ ٻيا منهنجي خلاف پروگرام ڪندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.