اسلام اباد (م ڊ) پوليس ڀرتي ۾ ميرٽ بجاءِ سفارشي ڪلچر وڌي ويو.وفاقي پوليس ڪانسٽيبلز جي ڀرتين ۾ وزيراعظم جي معاون خصوصي بابت ميرٽ خلاف ڀرتين لاءِ سفارش ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.وزيراعظم جي خصوصي معاون سردار شاهجهان جو هڪ ليٽر منظر عام تي آيو آهي، جنهن ۾ 8 ڪانسٽيبلز کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ميرٽ خلاف ڀرتي لاءِ سردار شاهجهان طرفان آءِ جي اسلام آباد کي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته 8 اميدوارن کي پوليس ڪانسٽيبل ڀرتي ڪريو ته ٿورائتو رهندس.وزيراعظم جي خاص معاون خط ۾ پوليس ڪانسٽيبل ڀرتي لاءِ 8 اميدوارن جا نالا، رول نمبر ۽ ڊوميسائيل جا تفصيل به لکيل آهن.ان حوالي سان اسلام آباد پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته خط اصلي يا جعلي، اڃا تصديق ناهي ٿي سگهي ، سفارشي خط اچن به ته ڪو اثر نه ٿو پئي، ڀرتيون ميرٽ تي ٿينديون.