ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ پوليس آفيسر اهم پوسٽ جي لائق ناهن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته جيڪو پوليس آفيسر ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، اهو اهم پوسٽ جي لائق ناهي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اسٽريٽ ڪرائمز جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو.ان موقعي تي غلام نبي ميمڻ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم خلاف آفيسرن کي واضح هدايتون ڏئي چڪا آهيون، تازا پوليسنگ قدم اثرائتا ثابت ٿي رهيا آهن، ان عمل جي مانيٽرنگ ۽ علائقن جا دورا ڪري رهيو آهيان.هن چيو ته ڪراچي پولنگ اسنيپ چيڪنگ ۽ پيٽرولنگ کي وڌيڪ سخت بڻائي، گرفتار ڏوهارين وٽان هٿيارن ۽ ڪيسن جو فيڊ بيڪ سي ٽي ڊي کان وٺندس.سندس چوڻ هو ته پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان احتسابي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسٽريٽ ڪرائمز سان متاثر علائقن ۾ ٿاڻن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيو، جيڪو آفيسر ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، اهو اهم پوسٽ جي لائق ناهي.اجلاس دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين جي گروهن جي خاتمي لاءِ ڪم جاري آهي، عادي ۽ نوان اسٽريٽ ڪرمنلز جون گرفتاريون يقيني بڻايون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.