ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ جاري معاشي بحران جو فائدو کڻندي مافيا ايل پي جي جو اگهه به وڌائي ڇڏيو.ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڌڻ سان مهانگائيءَ جو اهڙو طوفان اچي ويو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي.اهڙي صورتحال ۾ مافيا به سرگرم ٿي وئي آهي ۽ غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي.ذريعن موجب ملڪ مختلف شهرن ۾ ايل پي جي من پسند اگهن ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪراچي ۾ في ڪلو ايل پي جي 250 رپين مان 300 رپين تي پهچي وئي.واضح رهي ته ملڪ ۾ جتي عام واهپي جي شين جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اتي ئي وري سون جو اگهه به تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 6 هزار 500 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 9 هزار رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 5 هزار 574 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 79 هزار 184 رپين جو ٿي ويو آهي.