عمران چئن سالن ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو:شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيا عطا مري چيو آهي ته عمران نيازي عوام جو ڪچومبر ڪڍي ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ته چار سالن ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو ويو، اسان جا دشمن ڪوشش ۾ هوندا آهن ته ڪيئن هن ملڪ کي ٽارگٽ ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته خان صاحب پنهنجي بزرگي جو خيال ڪيو کيس ملڪ جو خيال ڪرڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ملڪ جي خاطر مشڪل گهڙي ۾ ملڪ بچائڻ لاءِ شهباز شريف چيلنج قبول ڪندي وزارت عظمي جو منصب قبول ڪيو، اھي ڳالھيون وفاقي وزير شازيامري سنڌ گورنمنٽ اسپتال پي آئي بي ڪالوني ۾ صوبائي ترجمان بيريسٽر مرتضي وھاب سان گڏجي  بي آءِ ايس پي تحت نشو نما پروگرام جي افتتاح موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪيون ، وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ بدقسمتي سان اسٽنٽ جو اشو هلندو اچي، ٻار جي گروٿ ٺيڪ نه هوندي ته معاشري ۾ مختلف مسئلا شروع ٿين ٿا، سمورن نشونما مرڪزن ۾ متاثر عورتن ۽ ٻارڙن جو علاج ڪيو پيو وڃي، بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جا مستحق به هن پروگرام لاءِ ڪوليفائي ڪن ٿا، ھن چيو ته ٺٽي ضلعي سميت 2 ضلعا اڳ ۽ ھاڻ 15 ضلعن کان پوء پوري ملڪ ۾ 139 ضلعن ۾ سينٽر کولي چڪا آھيون ، ھن چيو ميڊيا آگاھي مھم ۾ اسان جو ساٿ ڏئي جئين ڳورهاري عورت ۽ ٻن سالن  تائين کير پياڪ صحت مند ٿئي سگھي ، ھن سينٽر ۾ نيو ٽيريشن جا 90 ڏينھن جا ساشا ڏنا وڃن ٿا جن ۾ وٽامن آهي ،  ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضي وھاب چيو ٻڌايو ته ڪراچي جا ست سينٽر قائم ڪيا وڃن ، ھي شھيد بي نظير ڀٽو جو خواب ۽ آصف علي زرداري جو ويزن عورت کي مضبوط ڪرڻ جو ويزن آهي ، ھن پروگرام سان عورت جي مضبوط ٿيڻ سان گڏ صحت   ٻار پيدا ٿيندو اسين شھيد بي,  نظير ڀٽو جي خواب کي اڳتي کڻي هلنداسين ،ان موقعي تي آصف خان ، رزاق باوجوا ، انور جوکيو ، فرخ تنولي ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ پڻ موجود هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.