اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف بيان تي وزيراعظم شهباز شريف ميدان ۾ اچي ويو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته آصف علي زرداري خلاف عمران نيازي جا بي بنياد ۽ خطرناڪ الزام غير ذميواراڻا آهن، سندس بيان سياسي مخالفن خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ سازشي ٿيوري جي نموني موجب آهن.هن چيو ته اهڙي ڪريل بيان بازي سياسي طور تي لاڳاپيل رهڻ جي ڪوشش آهي، سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته هن اقتدار خاطر معاشري کي ورهائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي نفرت جي سياست جو سهارو ورتو.