لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي، ته محمد نواز شريف اڄ به پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ آهي ۽ هو جلد عوام وچ ۾ هوندو. چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي ڪندو، اسان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پنهنجي وطن واپسي تي لاهور هوائي اڏي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مصدق ملڪ، عطا تارڙ، خواجه عمران نذير، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ٻين اڳواڻن سميت پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ مريم نواز جو شاندار استقبال ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته شاندار استقبال ڪرڻ تي مان مسلم ليگ (ن) جي غيرتمند ڪارڪنن جي شڪر گذار آهيان، سمورن ڪارڪنن کي محمد نواز شريف طرفان سلام پيش ڪيان ٿي، محمد نواز شريف جا حوصلا بلند آهن، مان الله تعاليٰ بعد محمد نواز شريف ۽ محمد شهباز شريف جي تمام گهڻي شڪر گذار آهيان، جن مون کي پاڪستان جي خدمت لاءِ پارٽي ۾ نيون ذميواريون سونپيون آهن، جنهن تي مان پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنديس. هن چيو ته اڄ به محمد نواز شريف پاڪستان جو سڀ کان وڏو ليڊر آهي، سندس قيادت ۾ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي ڪندو. هن چيو ته پاڪستاني قوم سان واعدو آهي، ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍيو ويندو، مسلم ليگ (ن) پاڪستان کي اڳ به مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ هاڻي به ڏکيائين مان ٻاهر نڪري اينداسين. مسلم ليگ (ن) جا شينهن چونڊن کان ناهن ڊڄندا، محمد نواز شريف کي احساس آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ اسان عوام کي مهانگائي جي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته محمد نواز شريف کي رڳو اقامي جي بنياد تي اقتدار مان ڪڍيو ويو، محمد نواز شريف جي 9 سالن جي ڪارڪردگي کي پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ مان ڪڍيو وڃي ته ملڪ ۾ کنڊرن کان سواءِ ڪجهه به نه بچندو، پاڪستان انشاء الله محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ٻيهر ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو، هن چيو ته مهانگائي جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) کي طعنه ڏيندڙن کي ٻڌڻ گهرجي ته عمران خان کي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ٽي وي ذريعي مهانگائي جي خبر پوندي هئي، ۽ پرچيون پڙهي شين جون قيمتون ٻڌائيندو هو، عمران خان پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ مل جي معيشت کي جنهن حد تائين پهچايا، ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، عمران خان کي پنهنجي دور جو حساب ڏيڻو پوندو. مريم نواز چيو ته 28 جولاءِ 2017ع جو ڏينهن پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو هو، منهنجو قوم سان واعدو آهي ته جيستائين عوام کي ڏکيائين مان نه ڪڍيو ويندو، مسلم ليگ (ن) جي قيادت آرام سان نه ويهندي. هن چيو ته عمران خان جون پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومتون هيون پر ملڪ جي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جو الزام مسلم ليگ (ن) تي لڳندو آهي، اليڪشن جڏهن به ٿئي پنجاب جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هن عوام کي چيو ته توهان واعدو ڪيو ته پاڪستان جي تقدير بدلائڻ لاءِ محمد نواز شريف ۽ محمد شهباز شريف جو ساٿ ڏيندا، پارٽي قيادت جي هدايت تي ايندڙ مهيني کان سموري پنجاب جو دورو ڪيو ويندو ۽ عوام کي معاشي ڏکيائين مان ڪڍڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين