حڪمرانن جي ڪرپشن ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن.محمد حسين محنتي

ڪراچي(ا رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي مهانگائي جي طوفان سميت پاڪستان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو بنيادي سبب مغرب جي غلامي ۽ دين کان دوري آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غلاماڻي پاليسين ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي مڙني مسئلن جو حل اسلامي نظام ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره هالا ۾ عالم سڳورن ۽ مُفتين جي مان ۾ رکيل خصوصي نشست کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جامعه منصوره جو مهتمم مولانا محمد احسن ڀٽو، جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالوحيد قريشي، مولانا آفتاب ملڪ، مولانا عبدالقدوس احمداڻي، ضلعي امير مولانا اياز احمد اصلاحي، مُفتي عرفان عادل ۽ مجاهد چنا سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي کان ويندي ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ مسلمانن سان ظلم مغرب جو منافقي وارو نقاب لاهي ڦٽي ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.