ڪوٽڙي: عدالت پاران تيل چوري جو ڏوهه ثابت، 5 جوابدارن کي سزا

ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڄامشورو جي عدالت نوري آباد ٿاڻي جي حد مان پارڪو پائيپ لائين مان تيل چوري ڪندڙ پنجن جوابدارن تي ڏوهه ثابت  ٿيڻ  7،7 سال سزا ٻڌائي  10.10 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته ٽن جوابدارن تي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، ايڊيشنل ڊسٽرڪث اينڊ سيشن ٽو جي عدالت طرفان نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ 11 سيپٽمبر 2022 تي  غوثيا هوٽل ڀرسان ڪراچي کان شيخوپورا ڏانهن ويندڙ پارڪو پائيپ لائين مان تيل چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث پنجن جوابدارن محمد شاهد ميوو، سرفراز يوسف زئي، صديق عرف صادق سنڌو جٽ، محمد جمن برفت ظهور احمد مھر کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 7.7 سال سزا ٻڌائي 10، 10 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته ٽن ڄڻن نهال خاصخيلي، جهانگير خاصخيلي ۽ گهرام خاصخيلي مٿان ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.