گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن تي ضابطو اچي نه سگهيو گذريل رات گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ محمد نواز چنا جون نامعلوم چور پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڪيو ويو مگر پوليس پنهنجي روايت کي قائم رکندي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو،هوڏانهن پيپلزپارٽي اڳواڻ شاھ خالد، ثناءُاللہ ڀٽو، ذوالفقار لوهر، عابد ميراڻي، ڪامريڊ غلامون، نواز ميراڻي، اڪبر ميمڻ سميت علائقي واسين ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور علمي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ وڌندڙ ڏوهن جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.