نئون ڳوٺ (رپورٽ: شمشاد علي ساھڙ) نئون ڳوٺ پوليس جي ناجائزين خلاف سولنگي برادري جي عورتن ٻارڙن سان گڏ سعدي موساڻي ميھڙ روڊ بند تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان گاڏيون بيهجي ويون، ايس ايڇ او مختيار بالادي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي شوڪت سولنگي ۽ مسمات حسنا سولنگي چيو ته ايس ايڇ او اسان جي گھرن ڀرسان رھي ٿو ھو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گھرن ۾ گھڙي ٿو پئي، ھن کي منع ٿا ڪريون ته ھي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏي ھنن ايس ايس پي دادو کان انصاف ڏيارڻ جي گھر ڪئي آهي، ھوڏانھن ڌرڻي واري ھنڌ نئون ڳوٺ ٿاڻي جو وڏو منشي احسان علي سميجو پھتو، ھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته درگاھ سعدي موساڻي تي ھنن جا ڇوڪرا روزاني موبائيلون ۽ ٻيو سامان مسافرن جو چوري ڪن ٿا، اڄ به ٿاڻي تي ھنن جي خلاف ڳوٺاڻو فريادي ويٺو آهي، ڪاروائي کان بچڻ لاءِ ھي ڊرامي بازي پيا ڪن، ايس ايڇ او مٿان غلط الزام پيا ھڻن.