ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صدورو ٻرڙو ۾ ميرپور ٻرڙو پوليس ايس ايڇ او نثار عالم ابڙو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي جنهن ۾ ڳوٺ جي هڪ پورهيت جمعو بگلاڻي جي گهر کي باء ڏيئي ساڙي ڇڏيو، پورهيت جر عورتن مٿان تشدد ڪري 5 ڳئون ۽ ٻيو سامان کڻي وئي اهڙي پوليس جي عمل خلاف پورهيتن جمعو بنگلاڻي. شهزادو بنگلاڻي. ۽ ٻين عورتن سميت ميرپور ٻرڙو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. جن جو چوڻ هو تہ ميرپور ٻرڙو پوليس ايس ايڇ او نثار ابڙو اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي گهر کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. پوليس عورتن کي تشدد پڻ ڪيو اسان جو مال ڳئون ۽ گهرن مان سامان کڻي وئي. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنہ کان مطالبو ڪندي چيو تہ اسان سان انصاف ڪري اسان جو مال واپس ڪرائي ڏنو وڃي.