سيوهڻ ڀرسان نوجوان جي قتل ڪيس ۾ 2 ڄڻا گرفتار

سيوهڻ(ن ع آ) سيوھڻ ويجهو نئينگ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ نغاول وٽ 3 ڏينهن اڳ پٿر ھڻي قتل ڪيل نوجوان اسد علي نوحاڻي کي پٿر  ھڻي قتل وارو واقعي بعد نئينگ پوليس بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان اسد نوحاڻي ڪيس جي 2 مک جوابدارن مراد ۽ اڪبر نوحاڻي کي گرفتار ڪري ڪالھ فرسٽ سول جج سيوھڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي جنهن بعد عدالت ڄاڻايل جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ياد رھي ته قتل ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن 3 ڏينهن اڳ نئينگ پوليس جي حد ۾ نوجوان اسد علي نوحاڻي کي پٿر هڻي بي دردي سان قتل ڪيو هو جن جوابدارن مان پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو آهي، جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.