شهدادپور ۾ چنگچي جي ٽائر ۾ رئو ڦاسڻ ڪري عورت وچڙي فوت

شھدادپور( ن ع آ)  شھدادپورشھر جي ھنڳورا روڊ تي چنگچي رڪشا جي ٽائر ۾ گندي ڦاسڻ سبب عورت فوت  ڳوٺ مھرعلي ٽالپر جي رھواسڻ 8ٻارن جي ماء مسمات ارباب زادي زال محمد بخش خاصخيلي سمس اسپتال شھدادپور مان دوا وٺي واپس ڳوٺ وڃڻ دوران ھنڳورا روڊ تي  چنگچي رڪشا ۾ اوچتو گندي ٽائر ۾ ڦاسڻ سبب عورت چنگچي مان ڪري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي فوري طور سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو جٿي ھو زخمي جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.