ڪوٽڙي: منشيات جي ڪارخاني وارو مالڪ عدالت ٻاهران گرفتار

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد ڪوٽڙي ڦاٽڪ ويجھو صنعتي زون ۾ قائم هارون پروڊڪٽ فيڪٽري اندر ڪروڙين  روپين جي منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ڄاڻايل فيڪٽري مالڪ محمد سليم اختر صديقي ضمانت ڪرائڻ لاءِ ڄامشورو جي عدالت پهچي ويو، پنهنجي وڪيل ايڊوڪيٽ سمينا آرائين، عمر فاروق معرفت ضمانت لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ درخواست جمع ڪرائي، سيشن جج درخواست ايڊيشنل سيشن جج ٽو عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي هتان عدالت جي جج  گرفتاري کان اڳ جوابدار محمد سليم اختر صديقي جي 50 هزار روپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي،  اطلاع تي سائيٽ پوليس جا اٽالا عدالت ٻاهران پهچي ويا جن مچلڪا جمع نه ٿيڻ تي فيڪٽري مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ڪيس ۾ ڄاڻايل فيڪٽري مالڪ سليم اختر صديقي ٻڌايو ته فيڪٽري گذريل 10 سالن کان مون وٽ هئي پيپر مل هئي 3 مهينا اڳ رضوان صديقي کي ڪرائي تي ڏني هئي منشيات جي باري ۾ مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي، مان ملڪ کان ٻاهر هيس، ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد صنعتي زون جي هارون پروڊڪٽ فيڪٽري مان ڪروڙين روپين جي منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪ محمد سليم اختر صديقي ضمانت جا مچلڪا عدالت ۾ جمع نه ڪرائي سگهيو، سائيٽ پوليس عدالت ٻاهران فيڪٽري مالڪ سليم اختر صديقي کي هراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو فيڪٽري مالڪ سليم اختر صديقي صبع جو پنهنجي وڪيل ايڊوڪيٽ سمينا آرائين ۽ عمر فاروق معرفت ايڊيشنل سيشن جج  2 جي عدالت مان 50 هزار روپين مچلڪن عيوض ضمانت حاصل ڪئي هئي جوابدار 50 هزار مچلڪا ضمانت جا عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو، سائيٽ پوليس اٽالن عدالت ٻاهران فيڪٽري مالڪ کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ايس ايس  پي ڄامشورو عمران قريشي جو چوڻ هو ته منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ جوابدار فيڪٽري مالڪ سليم اختر صديقي ضمانت جا مچلڪا عدالت ۾جمع نه ڪرائي سگهيو جنهن جي ڪري اسان کي اهڙي آڊر جي ڪاپي نه ملي سگهي ڪيس جي جاچ هلندڙ آھي.

  • کپرو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، روڊ بلاڪ

کپرو(رپورٽ اسلم بوزدار) کپرو ويجهو  مهڪ واٽر جي ڳوٺ استاد صديق مري سميت مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف پير بخش مري , هيرجي  ڪولهي ۽ ٻين کپرو عمرڪوٽ روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن سبب کپرو وايا عمرڪوٽ روڊ تي هلندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ٽريفڪ جام سبب رهواسي  پريشان ٿي ويا ان موقعي تي رهواسين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پ پ پ جا ووٽر آھيون اسان کي مختلف اين جي اوز ۽ سرڪاري امداد ناهي ملي سگهيو اسان ڪيترائي دفعا وڏيرن وٽ دانهيو ان هوندي به اسان جي ڳوٺن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي جڏھن ته اسان جي ڳوٺن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آھي ان هوندي به اسان جي ڪابه سهائتا نه ٿي آھي جڏھن ته چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ کانپوء ڪڏھن به اسان وٽ اچڻ جي زهمت ناهي ڪئي مختلف اين جي اوز ۽ سرڪاري ادارن جا ڪامورا اسان وٽ ڪڏھن به نه آيا جڏھن ته مختلف اين جي اوز ڀٽ ڀائٽي سميت کاهي ۾ امدادي راشن تنبوء ۽ سامان سرندي وارن کي ڏنا آھن.

  • ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميهڙ (ن ع آ) ميهڙ تعلقي جي يوسي خان جو ڳوٺ جي ٻوڏ متاثرن کي راشن ٽينٽ ۽ گهر نه ٺهرائي ڏيڻ خلاف يوسي جي رهواسين ٻوڏ متاثرن طرفان علي نواز سومرو حبيب الله سومرو عنايت الله سومرو عزيز الله سومرو لعل بخش نجيب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان جي يوسي خان جي ڳوٺ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي حڪومت طرفان ۽ اين جي اووز طرفان ڪنهن به قسم جي واهر نه ڪئي وئي آهي، اسان جا گهر ڊهي پيا نه راشن ڏنو ويو آهي نه ٽينٽ ۽ نه ڊهيل گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن، هنن چيو ته اسين غريب مسڪين آهيون، اسان جي حڪومت سنڌ ۽ اين جي اووز واهر ڪري اسان کي راشن ٽينٽ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.