لکي لڳ مال ۾ گهوگهي جي بيماري، 40 ڍور مري ويا، ڀاڳين جا مٿي تي هٿ

لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ ڀرپاسي وارن علائقن ڳوٺ آندلاني سڄڻ خان جاگيراڻي مسافر ڳوٺ ۾ گوگي جي بيماري منهن ڪڍڻ سبب جانورن مينهن ڳئن رڍن ۽ ٻڪرين ۾ موت وڌي ويو ڳوٺاڻي مرتضيٰ مهر  جا 15 جانور ۽ محمد علي جاگيراڻي ۽ ٻين جا 40 کان وڌيڪ مينهون مري ويون ڳوٺاڻن پاران لائيو اسٽاڪ جي عملي خلاف مظاهرو اعلا عملدارن کان تدارڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻي مرتضيٰ مهر جا 15جانور مرڻ تي علائقي ۾ غم واري لهر چڪ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر نويد مهر يوسي فتح ٽنڊو 29 جو چيئرمين بشير احمد مهر سماجي اڳواڻ ڪامريڊ امدادتبسم مهر ۽ ٻين ڳوٺ آندلاڻي پهچي ڳوٺاڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.