رتيديري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

رتيديرو (ن ع آ) رتوديرو شهر جي گھڻ آباديءَ واري پاڙي نادر شاه ۾ ٻن نامعلوم هٿيار بند موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ آزاد پٽ منٺار  ويسر زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان کيس مرڻينگ حالت ۾ علاج لاء لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسسي ۾ رابطو ڪرڻ تي رتوديرو پوليس جو چوڻ هيو ته اسان کي واقعي بابت وارثن پاران اطلاع ڪو نه ڏنو ويو آهي باقي واقعي جي خبر پئي آهي جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته اسانجو نوجوان نادرشاه محلي وٽان پيدل وڃي رهيو هيو ته ٻن موٽر سائيڪل هٿياربندن هن مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هي زخمي ٿي پيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.