سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو پوليس جون ڪاررواويون، ڦر ٿيل لکين رپين جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سوڀوديرو امام دين چانڊيو ۽ جاچ آفيسر ياسين علي حطار سان گڏ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڳوٺ غلام حسين خاصخيلي ۾ ڪارروائي ڪندي پروانو حيدر خاصخيلي جي گھر جي اڱڻ مان زمين ۾ پوريل لکين رپين جي ماليت جو چوري ٿيل سامان پندرھن سولر پليٽون، ھڪ چنگچي رڪشو، ھڪ پاڻي وارو ڊگڊگو، چار ننڍا وڏا موٽرھڪ يوپيئيس ھٿ ڪري ورتو آهي، ايس ايڇ او سوڀوديرو ٻڌايو ته سولر پليٽون ڊاڪٽر قربان علي سھتو جي زمين تي پاڻي واري بور تي لڳل ھيون جيڪي چوري ٿيون ھيون ۽ ٻيو سامان مختلف ماڻھن جو چوري ٿيل ھو جنھن سامان جا مالڪ پڻ ظاھر ٿيا آھن ۽ ھٿ ڪيل چوري جي رڪشي تي جوابدار سامان چوري ڪندا ھا چوري ۾ ملوث جوابدارن غلام حيدر ولد پروانو خاصخيلي۔ظھور۔صدام خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
-
ميهڙ ڀرسان ٽرانسفارمر جون ڪوائلون چوري، احتجاج
ميهڙ (ن ع آ) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا واري علائقي گل جي ڳوٺ مان رات بجلي بند ھجڻ دوران نامعلوم چور ڳوٺ ٻاھران لڳل بجلي جي ٽراسفامر جون 3 ڪواليون چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف ڳوٺاڻن محمد روشن سولنگي، غلام رسول سولنگي، نورحسين سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته واپڊا وارن جي نااھلي ۽ گرڊ اسٽيشن جي ملي ڀڳت سبب اڳ ۾ به اسان جي ڳوٺ مان ٽراسفامر ۽ تارون چوري ٿيون ھيون، ھنن الزام ھڻندي چيو ته اڳ به چوري واري واقعي دوران گرڊ عملي ھٿ سان بجلي بند ڪئي هئي، اڄ رات به گرڊ عملي ھٿ سان بجلي بند ڪئي جنھن دوران چور اسان جي ڳوٺ جي ٻاھران لڳل ٽراسفامر 3 ڪواليون چوري ڪري ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.