تنگواڻي ۾بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جو ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري ڌرڻو

تنگواڻي (رپورٽ : مهتاب ملڪ ) تنگواڻي ۾بدامني جي باهه رڪجي نه سگهي آهي ، چوري، ڦر وارداتن خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مين ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري سنڌ_بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون،شهري اتحاد، باجڪاڻي برادري سياسي سماجي ڌرين قاري ڪفايت الله کوسو،لعل باجڪاڻي، ايڊوڪيٽ آصف کوسو،شير خان کوسو،ربڏنو ملڪ،رحمدل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سوين شهرين شرڪت ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي،وين ٽرمنل تي پڻ ڌرڻو لڳايو ويو، واپارين لياقت باجڪاڻي ۽ آدم باجڪاڻي کي زخمي ڪري 6 لک روپين جي ڦر خلاف مظاهرين سان ڊي ايس پي يار محمّد رند ڳالهيون ڪري 2 ڏينهن جي مهلت ۽ منٿن بعد احتجاج ختم ڪيو، اڳواڻن چيو ته بدامني سبب عام شهرين جو زندگي عذاب ۾ گذري ٿو، هنن چيو ته موٽرسائيڪلن جي چاٻي چوري سميت ڦر وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي ڪشمور  سميت پوليس جي اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي تہ ڦر ٿيل رقم،چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.