ملڪ ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، عوام رياست سان ڪاوڙيل آهي: مفتاح اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، عوام رياست سان ڪاوڙيل آهي.

پشاور ۾ ري اميجنگ پاڪستان سيمينار سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت کي سخت فيصلا وٺڻ ڏيو، اهو پاڪستان جي حق ۾ آهي، جيڪڏهن ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اسان کي سوچڻو پوندو ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي شرطن تان هٽي ويا هئاسين پر وري ٽريڪ تي اچي وياسين، شهباز شريف ٻيهر پاڪستان کي ٽريڪ تي آڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.