راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪري دهشتگرد کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، هو سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هو.