لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي.
رحيم يار خان ۾ پيٽرول پمپن تي پيٽروليم شين جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته گوجرانوالا ۾ رڳو 20 سيڪڙو پيٽرول پمپن تي پيٽروليم شيون موجود آن.
بهاولپور ۾ ڪجهه کليل پيٽرول پمپن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، سيالڪوٽ ۾ به ڪيترائي پيٽرول پمپ بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته فيصل آباد ۾ پيٽرول پمپن تي عوام اٿلي پيو آهي.
پيٽرول پمپ مالڪن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شيون گهٽ اچي رهيون آهن، جنهن سبب سپلاءِ متاثر آهي.
هوڏانهن ان معاملي تي اختيارين جو بيان سامهون ناهي آيو.