ڊي جي خان: سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا

 

ڊي جي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جو پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي جو ارادو هو، اهلڪار موقعي تي پهچي دهشتگردن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فائرنگ ڪري ڏني.

ترجمان ٻڌايو ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ڪري چڪا آهن، انهن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، پسٽل جون 50 گوليون، ٻه دستي بم ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته ٻه دهشتگرد فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.