وات مان دونهون ڪڍڻ واري ڪينڊي: ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

انڊونيشيا ۾ پاڻياٺ واري نائيٽروجن ڪينڊيز گهڻيون مشهور آهن جنهن کي کائي نڪ ۽ وات مان دونهون نڪرندو آهي، ٻارن سان گڏ ٽڪ ٽاڪر به ان جا ديوانا لڳندا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي صحت کاتي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز جي ڀرمار کانپوءِ ماڻهن کي پاڻياٺ نائٽروجن ۾ ٻڏل ٽافي/ڪينڊيز کائڻ کانپوءِ خبردار ڪيو آهي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته ان سان معدي ۾ ساڙ ۽ ٻيون بيماريون ٿيڻ جا خطرا آهن. انڊونيشيا ۾ ان کي عام استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن سان ڪيترائي ٻار متاثر ٿي چڪا آهن.

انڊونيشيا جي ماهرن موجب ان سان معدي ۾ ساڙ ٿيندو آهي جنهن سان موت به ٿي سگهي ٿي. هنن حڪومت کي اپيل ڪئي ته ان تي پابندي مڙهي وڃي ۽ والدين کي به محتاط رهڻ جي اپيل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.