سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا سرڪاري ڪمبل آن لائن وڪرو، لاهور مان وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان فلڊ رليف جا ڪمبل مبينا طور تي سڄي ملڪ ۾ آن لائن وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.لاهور مان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شمسا علي آن لائن آرڊر جاري ڪرڻ تي ڊليور ڪمبلن جي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي.شمسا علي لاهور مان تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان عورتن جي مخصوص سيٽ تي سال 2018ع ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چونڊي هئي.شمسا علي سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل ۽ قانوندان به آهي، جنهن وڊيو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه ڪمبل آن لائن آرڊر ڪيا هئا.اڳوڻي ايم پي اي آن لائن آرڊر جي رسيد سان گڏ ڪمبل به ڏيکاريا، جن مان هڪ ڪمبل جو ٽيگ نه هو، جڏهن ته ٻئي تي موجود هو، جنهن تي سنڌ حڪومت جو مونو گرام ۽ فلڊ رليف لکيل آهي.شمسا علي الزام هنيو ته سنڌ جي مافيا مختلف ملڪن طرفان عطيو ڪيل رليف جي سامان ۾ خرد برد ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.