سنڌ جا اديب سرمايو، گل حسن ڪلمتي ڪراچي جي مثال تاريخ لکي:گورنر سنڌ

ملير(رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ جا اديب، دانشور ليکڪ، صحافي ۽ محقق اسان جو قومي سرمايو آهن، ان طبقي قوم کي شعور ڏنو ۽ پنهنجي تحقيقن ذريعي اسان جي نوجوانن ۾ اهڙي جدوجهد مان لاڀ ماڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ناليواري محقق گل حسن ڪلمتي جي طبعيت پڇڻ لاءِ اسپتال  پهچڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته گل حسن ڪلمتي اسان جو قومي سرمايو ۽ ورثو آهي ۽ هن جي صحتيابي تائين اسان جو ساڻس مڪمل سهڪار رهندو، ڪامران ٽيسوري وڌيڪ چيو ته سنڌ جو باشعور طبقو جنهن ذريعي اسان جي نوجوان نسلن جي رهنمائي ٿئي ٿي، انهن جي پرگهور لهڻ ۽ سندن ڏک سور ۽ خوشين ۾ اسان ساڻس گڏ آهيون هن چيو ته گل حسن ڪلمتي جنهن ريت ڪراچي جي تاريخ لکي آهي تنهن جو مثال تاريخي آهي، هن چيو ته گل حسن ڪلمتي جو علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي پيشي نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ جلد ئي گل حسن ڪلمتي صحتياب ٿي اسپتال مان پنهنجي گهر روانو ٿيندو، هن ان موقعي تي اسپتال انتظاميا کي گل حسن ڪلمتي جي بهترعلاج جو هدايتون جاري ڪيون هوڏانهن گل حسن ڪلمتي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيوته آئون ڪنهن حد تائين صحتياب ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي علاج ۾ سنڌ حڪومت خاص طور تي صوبائي وزير ساجد جوکيو جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن، هن ٻڌايو ته منهنجو علاج بهتر انداز ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن به قسم جي منهجي گهڻ گهرن کي ڳڻتي نه ٿيڻ کپي ۽ آئون ترت ئي اسپتال کان گهر ويندس، هن سنڌ جي هر طبقي کي پنهنجي صحتيابي لاءِ دعا جي پڻ اپيل ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.