ڊالر کپائڻ ۾ ترقي ڪئي، ڪمائڻ ۾ ترقي نه ڪري سگهياسين:احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ايڪسپورٽ ايمرجنسي جي ضرورت آهي. ايڪسپورٽ جي شعبي جي ترقيءَ ۾ اسان جي معاشي مسئلن جو حل آهي. انڊسٽريز جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پورو ڪردار ادا ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهه ملڪ جي ٽاپ ايڪسپورٽرز سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ايڪسپورٽ ايمرجنسي جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان ڊالر کپائڻ ۾ ترقي ڪئي پر ڪمائڻ ۾ ترقي نه ڪري سگهياسين، ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ذريعي معاشي ڍانچي کي بدلڻ جي ڪوشش ڪئي هر ڀيري سياسي عدم استحڪام ترقي جي پلان کي ڪريش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته روانگي واپار ۽ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ بيٺل هونداسين. اسان جي مستقبل جو دارومدار ان تي آهي ته 32 ارب ڊالرن کان 100 ارب ڊالر روانگي واپار ڪيتري سال ۾ ٿيندي. هن چيو ته انڊسٽري کي عالمي مسابقت جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪنداسين. چين جي 2 کرب ڊالرن جي آمدني واپار ۾ اسان جو حصو فقط 3 ارب ڊالر آهي چين جي مارڪيٽ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ مارڪيٽ شيئرز وڌائڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ جي صورت ۾ صدي جو موقعو مليو هو جيڪو ضايع ڪيو ويو، سي پيڪ جي منصوبي کي ٻيهر تيار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته انڊسٽري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پورو ڪردار ادا ڪنداسين..ان کان اڳ وفاقي وزير گرين لائن ٽرين سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ تسلسل سان ئي معاشي مشڪلاتن مان نڪري سگهجي ٿو، ٽيڪنيڪل پاڪستان جي بالادستي لاءِ انجنيئرز ڪيڊر سروس جي شروعات ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته  پنهنجي روانگي واپار کي ايندڙ پنجن سالن ۾ سئو ارب ڊالرن کان مٿي کڻي وڃون ته اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا، ريلوي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ ايم ايل ون جو منصوبو 2017ع ۾ تيار ڪيو ويو. هن چيو ته ان منصوبي ذريعي اسان 160 ڪلو في ڪلاڪ جي رفتار وارو ريلوي ٽريڪ وڇائڻ وارو عمل شروع ڪيو پر حڪومت تبديل ٿيڻ جي ڪري ان رٿا کي سرد خاني حوالي ڪيو ويو.هن چيو ته دنيا ۾ گدلاڻ ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي پر اسان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان کڻڻو پيو. موجوده حڪومت گذريل دور جي معاشي گدلاڻ جو بار لاهي رهي آهي، اسان چيلينجن تي پورو لهنداسين ۽ ملڪ کي ان ڌٻڻ مان ڪڍنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.