مريم نواز جي واپسيءَ سان نه مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان فرق پوندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  مسلم ليگ (ن)  کي ٻين کان نه پر شريف خاندان  کان ئي وڏو خطرو آهي. مريم نواز جي واپسيءَ سان نه پر مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان فرق پوندو.

ناميارن صحافين جو چوڻ آهي ته (ن)  ليگ هاڻي بظاهر خانداني پارٽي بڻجي وئي آهي. لڳي ٿو ته نواز شريف   ڪجهه سکيو نه آهي.

مريم نواز، حمزا شهباز ، سلمان شهباز ۽ ٻين  ۾ ئي جهيڙو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مريم کي چيف آرگنائزر ڪرڻ مناسب  نه هو. اعزاز سيد جو چوڻ هو ته عمران خان کي  مذهبي انتهاپسندن مان خطرو  ته آهي، پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪيورٽي وٽس موجود آهي، صرف وفاقي حڪومت سيڪيورٽي واپس ورتي آهي ان سان ڪو فرق نه پوندو.

شاهد خاقان عباسي يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف جيتري  سيڪيورٽي ان کي ملڻ گهرجي.  عمر چيمه جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي ملنگ طبيعت ماڻهو آهي. ان ڪري ان جي سيڪيورٽي جو خرچ به تمام گهٽ آهي. يوسف رضا گيلاني جي سيڪيورٽي جو به ڪو وڏو خرچ نه آهي.

نوٽ:اعزاز سيد/ عمر چيما جو هي تجزيوروزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-28 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.