اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي معيشت جي معاملي تي لائيو مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو پنهنجي وڊيو بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته عمران خان اچي مون سان مناظرو ڪري، عمران خان هر هر غلط بياني ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان وري معيشت جا غلط انگ اکر پيش ڪيا، اسان وٽ چوائس هئي ته سياست بچايون يا رياست. سندس موجب عمران خان جو هدف آهي ته جيڪڏهن ان جي حڪومت نه رهي ته رياست به نه رهي، عمران خان جي پيدا ڪيل خراب حالتن کانپوءِ اسان رياست کي بچايو آهي، مان عمران نيازي کي آئينو ڏيکاريندس، معاشي بدحالي جا ذميوار اسان نه عمران خان آهي.سحاق ڊار چيو ته عمران صاحب! جڏهن توهان کي خبر پئي ته توهان جو اقتدار وڃڻ وارو آهي، توهان پاڪستان جي معيشت لاءِ بارودي سرنگهون وڇايون، پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ڦِري وئي .اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته عمران خان جون سموريون ڳالهيون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، عمران خان صاحب! توهان جي ڪيل تباهي کي اسان ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان ترقي جي شرح 6 ڏهائي 10 سيڪڙو تي ڇڏي هئي .عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي آهي، معاشي بدحالي جا ذميوار اسان نه پر عمران خان آهي، اسان وٽ ٻه رستا هئا سياست بچايون يا رياست، اسان سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان جو سبب عمران خان آهي، توهان ملڪ لاءِ ڪهڙو بهتر ڪم ڪيو؟ عمران خان چئن سالن ۾ معيشت تباهه ڪئي، سيڙپڪارن جي عالمي ڪانفرنس ۾ عمران خان پاڪستان کي بدنام ڪيو. خان صاحب! انگ اکر چيڪ ڪريو ملڪ کي گمراهه نه ڪريو، عمران خان چوندو هو پاڪستان ۾ هر شخص ڪرپٽ آهي، ڪرپٽ ملڪ ۾ ڪير سيڙپڪاري ڪندو؟، آءِ ايم ايف جو معاهدو اسان نه توهان ڪيو .
ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ 24 رپين کان وڌيڪ واڌ بعد مسلسل ٻئي ڏينهن به رپئي جي بي قدري جاري رهي، ڪالهه ڊالر وڌيڪ 7 رپيا 17 پئسا واڌ سان 262 رپين 60 پئسن جو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ 2.73 سيڪڙو يا 7 رپيا 17 پئسا گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ڊالر 262 رپين 60 پئسن تي بند ٿيو، جيڪو گذريل ڏينهن 255.43 ر پيا هو. هوڏانهن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو. ملڪ ۾ سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو آهي. اڄ سون جو اگهه 7 هزار رپيا في تولي واڌ کانپوءِ 2 لک 2 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جو اگهه 6 هزار رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 73 هزار 610 رپيا ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1936 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي. ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 396 پوائنٽون ڪري پيون.