صحافي عامر مير مشرف کان ” تمغه حسن ڪارڪردگي“ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران ڪابينا ۾ شامل  نامياري صحافي عامر  مير مشرف دور ۾ ” تمغه حسن ڪارڪردگي“ وٺڻ کان  انڪار ڪيو هو، عامر مير جو والد پروفيسر وارث مير انهن ڪجهه شخصيتن ۾ شامل هو جنهن بنگال آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي. ان ڪري مٿس  ” غداري“  جو الزام به مڙهيو ويو هو.

نامياري صحافي موجب عامر مير نگران ڪابينا ۾ شامل  ٿيڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد مون ، صحافي سهيل  وڙائچ ۽ ٻين دوستن عامر مير کي پنجاب جي نگران  ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪيو ، عامر مير انتهائي  محنتي ۽ جاکوڙي صحافي آهي. جنهن  محنت ڪري ميڊيا جي  دنيا ۾ نالو ڪمايو.

ناليوارو صحافي حامد مير سندس ڀاءُ آهي. پر  حامد  مير جي ڪري عامر مير جي سڃاڻپ نه آهي. عامر  مير جو پورهيو سندس سڃاڻپ آهي. اهو به سچ آهي ته حامد مير ۽ عامر مير جي رت ۾ ” غداري “  شامل آهي.  ڇو ته جيڪي به حقيقي معنيٰ  ۾ محب وطن ٿي گذريا اهن  انهن تي غداري جو الزام  مڙهيو ويو آهي پروفيسر وارث مير به انهن   شخصيتن مان هڪ آهي.

نوٽ: سيد عمران شفقت جو تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-28 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.