آصف زرداري جو نانءُ عمران لاءِ خوفناڪ خواب

لاهور ( ويب ڊيڪ )  اڳوڻو صدر آصف  زرداري ملڪي سياست جو اهڙو نالو بڻجي چڪو آهي، جنهن عمران خان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.

نامياري صحافي موجب آصف زرداريءَ جو سياست ۾ مقابلو ڪرڻ ته عمران خان ۽ شيخ رشيد جي وس جي ڳالهه نه آهي. ان ڪري هاڻي عمران خان کي ننڊ ۾ به آصف زرداري اچي رهيو  آهي ۽ عمران لاءِ  ”  ڊيڄهيڙو“  خوفناڪ خواب بڻجي چڪو آهي.

ان ڪري آصف زرداريءَ تي قتل ڪرائڻ جا الزام مڙهي اصل ۾ نئون بيانيو ٺاهڻ چاهي ٿو ۽ آصف زرداري سان گڏ آءِ ايس آءِ تي به الزام مڙهي رهيو آهي، آصف زرداري اسٽيبلشميٽ  ۽ حڪومت وچ ۾ رابطا ڪار ۽ ضمانت ڪار بڻيل آهي، اها ئي ڳالهه عمران کي پريشان ڪري رهي آهي.

نوٽ: معظم فخرجو جي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-28 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.