ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ڪياماڙي جي علي محمد ڳوٺ ۾ 10 ٻارن سميت 18 ڳوٺاڻا ڪيئن فوت ٿيا؟ صحت کاتي جي ٽيم پتو لڳائڻ لاءِ متاثر ڳوٺ پهچي وئي. ڊائريڪٽر هيلٿ عبدالحميد جماڻي جي اڳواڻيءَ۾ پهتل ٽيم بيمار ٻارن ۽ ڳوٺاڻن جي چڪاس ڪئي، صحت کاتي جي ٽيم پاران ڳوٺاڻن کي مفت دوائون به ڏنيون ويون.ڊائريڪٽر هيلٿ عبدالحميد جماڻي ۽ ٻين چيو ته ڳوٺاڻن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، ان جو سبب علائقي ۾ موجود فيڪٽريز ٿي سگهن ٿيون، ڳوٺاڻن جي موت جو ڪارڻ اڃا معلوم نه ٿي سگهيو آهي.ظاهري طور لڳي ٿو ته موت جو ڪارڻ ڪيميڪل ٿي سگهن ٿا، هن علائقي ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ٻارڙن جو موت ارڙي يا ٻين بيمارين وگهي نه ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.هوڏانهن علي محمد ڳوٺ ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي به جاڳي پئي، ڳوٺ ۾ غيرقانوني طور هلندڙ فيڪٽرين جا 3 يونٽ سيل ڪري ڇڏيا، وڌيڪ 13 يونٽس کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. سِيپا ڪراچي جي انچارج منير عباسي جو چوڻ ته علائقي ۾ پلاسٽڪ سميت مختلف شيون ٺاهيندڙ فيڪٽريز جا 16 يونٽ غيرقانوني طور هلي رهيا هئا، 3 يونٽس سيل ڪيا ويا آهن، ٻين يونٽس به ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.ڳوٺاڻن جي فوتگين بعد علائقي مان ماحولي گدلاڻ جا سيمپلز ورتا ويا آهن، غير قانوني طور يونٽس هلائيندڙ فيڪٽريز خلاف ڀرپور ڪارروائي ٿيندي.